مولانا نور محمد شهدادڪوٽي

مولانا نور محمد شهدادڪوٽي : مولانا نور محمد ڪنڊي شهر، تعلقي ڀاڳناڙي رياست قلات، بلوچستان ۾ جنم ورتو. سندس جنم جي تاريخ معلوم نه ٿي آهي. پاڻ ابتدائي طور پنهنجي آبائي ڳوٺ ڪنڊيءَ ۾ مولانا عبدالحليم جي درسگاهه مان علم جي تحصيل ڪيائين، جنهن کانپوءِ عربي پڙهائڻ ۽ تدريس جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ڪيتروئي عرصو پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهائيندو رهيو. اڳتي هلي خان آف قلات خان خداداد خان وٽ قاضي مقرر ٿيو. هيءُ سرائي پير بخش خان کهاوڙ جي اسرار تي شهدادڪوٽ اچي رهيو ۽ مستقل طور تي اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائين. هن شهدادڪوٽ ۾ درسگاهه قائم ڪئي، جتي سنڌ سميت بلوچستان مان به ڪيترائي طالب وٽس علم پرائڻ لا ايندا هئا. سندس پٽ مولانا گل محمد ۽ مولانا غلام صديق مذهبي علم ۽ فضيلت وارا هئا. غلام صديق جو شمار پنهنجي دور جي تمام وڏن عالمن ۾ ٿيندو هو، مولانا نور محمد وٽان ڪيترائي شاگرد فيضياب ٿي دستاربند عالم ٿيا. انهن مان خاص طور: مولانا مخدوم محمد قريشي (ڀاڳناڙي)، مولانا حاجي احمد بوهڙ (قنبر)، گل محمد شهدادڪوٽي (پٽ)، سيد پير بخش شاهه حڪيم (لاڙڪاڻو)، مولانا حاجي احمد صاحب (لاڙڪاڻو) وغيره. مولانا نور محمد قادري سلسلي جو پوئلڳ هو. هن درس تدريس سان گڏ تاليف جو ڪم به ڪيو، سندس ڪتبخاني جي سڀني قلمي نسخن تي قلمي حاشيا لکيل آهن. مادري ٻولي سرائيڪي هئس. سنڌي پڙهڻ توڙي لکڻ تي کيس دسترس حاصل هئي. قلمي نسخن تي سندس لکيل حاشيا سندس علمي بصيرت جي ساک ڏين ٿا. هن صاحب علم شخص 12 ذوالحج 1296هه/ 27 نومبر 1879ع تي وفات ڪئي. سندس مزار شهدادڪوٽ شهر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو